پئرس (م ڊ) صحافت جي آزادي بابت عالمي تنظيم رپورٽرز ودآئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) پنهنجي نئين رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران دنيا ۾ صحافين خلاف جبر، زيادتي ۽ حملن ۾ واڌ ٿي آهي. رپورٽ موجب ڪجهه ملڪن ۾ حڪومتن ان بحران کي ميڊيا تي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحافين تي حملن ۾ واڌ ڏٺي وئي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي حالتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي صحافين اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جهڙن اڳواڻن جي غلط بياني جي ڪوششن کي چئلينج ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.