ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو

0
230

 

ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽرڪ تي ٿيل آپگهاتي حملي سبب مارجي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو

مارجي ويلن ۾ماءُ ۽ پٽ سميت هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهن،  شهيد اهلڪار جي پوليس لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ڌماڪي سبب 25 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي به ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا اظفر مهيسر  موجب بندش پيل تنظيم جي ٽي ٽي پي جي دهشتگردن بلوچستان جي علائقي بُليلي ۾ پوليس گاڏيءَ تي آپگهاتي حملو ڪيو

دھماکے میں بلوچستان کانسٹیبلری کے ٹرک کو نشانہ بنایا گیا، دھماکے کے باعث قریب سے گزرنے والی گاڑیاں بھی زد میں آگئی: پولیس۔ فوٹو اسکرین گریب

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا اظفر مهيسر  موجب پوليس جي گاڏي پوليو ٽيم سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ موجود هئي،  ٽرڪ کي پويان رڪشا ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا اظفر مهيسر  موجب آپگهاتي بمبار رڪشا ۾ سوار هو، ڌماڪو آپگهاتي هو، آپگهاتي بم حملي ۾ 25 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو

وزيراعظم شهباز شريف آپگهاتي بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاچ ڪرڻ جو حُڪم ڏنو آهي، شهباز شريف چيو ته شرپسند ماڻهو ملڪ مان پوليو جي خاتمي واري مهم کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا، ملڪ مان پوليو جو خاتمو پهرين ترجيح آهي

ھي به پڙھندا

ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري: پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق