ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري: پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق

0
297

ڪراچي: ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي

پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ڪابل جي دوري دوران پاڪستان ۽ افغانستان ٻطرفن لاڳاپن لاءِ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي

پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي سربراهي ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي راڄڌاني ڪابل پهتو، جتي هنن افغانستان سان خطي جي سڪيورٽي معاملن، امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستاني طالبان سان امن امان جي صورتحال ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون

 

اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس موجب حنا رباني کر افغان عبوري پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ملاقات ڪئي، افغان عملدارن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻطرفن لاڳاپن لاءِ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن ڳالهين ذريعي سمورن گڏيل موقعن ۽ مسئلن کي ڳولي سگهجي

افغان نائب پرڏيهي معاملن واري ترجمان حافظ ضياءَ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ هاڪاري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي

هن چيو ته پرڏيهي وزير امير خان متقي ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي عوام ۽ خطي لاءِ اهم قرار ڏنو، امير خان متقي پاڪستان ۾ قيد افغان قيدين جي آزادي، سرحد پار آمد و رفت ۾ مسافرن جي سهولتن، واپار ۽ ٽرانزٽ ۾ اڳڀرائي جا مسئلا اٿاريا