ڪوئيٽا سوڌو بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات راڱا ڪري ڇڏيا

0
212

ڪوئيٽا سوڌو بلوچستان

ڪراچي: ڪوئيٽا سوڌو بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات راڱا ڪري ڇڏيا، برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر برساتي پاڻي جي وهڪري ۾ لُڙهي ويا، نالا اُٿلي پيا، رستا ۽ گهٽيون پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ تبديل، ڪوئيٽا جي علائقي سرياب مل ۾ ڀِت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا

 مچ جي پهاڙي علائقي ۾ برساتي پاڻي جي وهڪري ۾ لُڙهي ويل 5 پورهيتن مان هڪ جو لاش هٿ، گهرن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، بجلي ۽ مواصلاتي نظام به ڊانواڊول ٿي ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري