مٺي ۾ هرڻن جو شڪار ڪندڙ 5 شڪارين خلاف ڪيس داخل: ڌرڻو ختم

0
214
مٺي جي ڪشمير چوڪ تي

مٺي ۾ ڳوٺاڻن جي ڌرڻي بعد هرڻن جو شڪار ڪندڙ 5 شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

مٺي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ شڪاري احمد علي مڱريو، سلام باري پنجابي، عبدالغني نهڙيو، فرار ٿيل سليم نهڙيو ۽ مجيد حسن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي

ڪيس ۾ ڳوٺاڻن تي فائرنگ، حملي ۽ هرڻن جي شڪار دوران هنگامن جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

مٺي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گذريل رات شڪارين هرڻن جو شڪار ڪيو، مزاحمت تي جوابدارن ڳوٺاڻن تي فائرنگ ۽ هنگامو ڪيو

ايف آءِ آر موجب ڳوٺاڻن 3 شڪارين کي 7 هرڻن سوڌو سوگهو ڪري ورتو، 2 شڪاري 2 هرڻ کڻي فرار ٿي ويا

شڪاري احمد علي مڱريو خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ هٿيار رکڻ جو وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي هرڻن جي شڪارين خلاف ڪيسز داخل ٿيڻ بعد ڳوٺاڻن صبح کان لڳل ڌرڻو ختم ڪندي شڪار ٿيل 7 هرڻ ۽ 3 شڪاري پوليس حوالي ڪيا ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته ضروري ڪارروائي بعد شڪاري ۽ شڪار ٿيل هرڻ وائيلڊ لائيف کاتي جي اختيارين حوالي ڪيا ويندا

عمرڪوٽ ۾ به ڳوٺاڻن ناياب نسل جي جانورن خلاف ڌرڻو هنيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هرڻ جانور نه، پر اسان جا ٻچا آهن، ٻچن جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

ھي به پڙھندا

مٺي: شڪارين ناياب نسل جا 9 هرڻ ماري ڇڏيا، 3 شڪاري هرڻن سوڌو سوگها: ڌرڻو