ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

0
133
اوٻاوڙي مان مبينا

ڪنڌڪوٽ(ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي ٿي پيو آهي.

خير شاھ واري علائقي حيدري چوڪ وٽ ھٿياربندن فائرنگ ڪري فريد بنگوار کي قتل ڇڏيو جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو بنگوار ۽ مھمداڻي برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.