ٽائيم نيوز گم ٿيل نينگر کي وارثن سان ملائي ڇڏيو

0
222
ٽائيم نيوز گم ٿيل

سيوهڻ (ن پ ا) ٽائيم نيوز گم ٿيل نينگر کي وارثن سان ملائي ڇڏيو.

گذريل رات شهباز قلندر جي مزار تان ڏيڍ سال جو لاوارث نامعلوم نينگر ھٿ اچڻ ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد نينگر جا وارث سيوھڻ پھچي ويا.

درگاهه جي سيڪيورٽي پوليس انچارج معصوم نينگر شيراز چانڊيو کي امڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو ، جيڪي سيتاروڊ جي ڳوٺ حاصل چانڊيو جا رهواسي آهن.

نينگر جي امڙ صدوري چانڊيو جو چوڻ آهي ته منهنجي مڙس اياز علي چانڊيو جو ذھني توازن سھي نه  آھي، ڪالهه شيراز کي گھران موٽر سائيڪل تي کڻي نڪتو ۽ خيرپور ناٿن شاهه پھچي موٽر سائيڪل وڪرو ڪري معصوم پٽ کي قلندر جي مزار تي وٺي آيو، جتي کيس لاوارث حالت ۾ ڇڏي ڪراچي ھليو ويو.

هن چيو ته سندس مڙس نينگر کي هتي ڇڏي ڪراچي هليو ويو ۽ هڪ ئي پٽ جو اولاد آهي، اسان کي رات دير سان جاچ ڪرڻ ۽ ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد پنھنجي مائٽن ڪراچي مان ٻڌايو ته نينگر کي پي سيوھڻ ڇڏي آيو آھي پوءِ اسان ھتي سيوھڻ پھتا آھيون.

نينگر کي درگاھ قلندر جي مزار تي مقرر سيڪيورٽي انچارج محمد امين جتوئي پنھنجي ھڪ اھلڪار کي ڏنو جنھن کيس پنھنجي گھر ۾ رهايو.

سيڪيورٽي انچارج تصديق ڪرڻ بعد معصوم نينگر کي پنھنجي امڙ ۽ ڏاڏي حوالي ڪيو ته سندس امڙ ۽ ڏاڏو ھنجون ھاري روئڻ لڳا،  ان موقعي تي نينگر جي وارثن ٽائيم نيوز جو شڪريو پڻ ادا ڪيو ۽ سيڪيورٽي  انچارج محمدامين جتوئي کي ھار پڻ پارايو.