ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس ڪچي مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن نواب مهمداڻي ۽ عابد مهمداڻي کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڏس ۾ وارثن فدا مهمداڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس رڳو ٺلها آسرا پئي ڏئي، هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هوڏانهن پوليس پاران ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ سبب مغوين جي وارثن سندن بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوين جي وارثن تر جي چڱن مڙسن سان رابطا ڪري کين ٻنهي ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ جي اپيل ڪئي.