شھباز شريف کي پرڏيھ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارو عدالتي فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

0
286

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار شهباز شريف کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جِي اجازت ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، احتساب بابت وزيراعظم جَي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته اِهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته حڪومت عدالتي حڪمن تي عمل نٿي ڪري، فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ويندي، حڪومت توڙي جاچ ادارا عدالت کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪندا، شهباز شريف جَي ڪيس ۾ عدالت کي اصل حقيقتون نه ٻڌايون ويون، نواز ليگ اڳواڻن عدالت سوڌو عوام کي گمراهه ڪرڻ جِي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف کي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جِي اجازت ڏيڻ ٻين قيدين سان زيادتي آهي، قانون شريف خاندان ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي، شهباز شريف ضمانت تي پنهنجي ڀاءُ کي واپس آڻي نه سگهيو، هاڻي سندس ضمانت تي اعتماد ڪيئن ڪجي؟ آصف زرداري به چيو هو ته حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻي آهي ته نواز شريف کي ڏيهه واپس آندو وڃي.