ڪنڊيارو (رپورٽ: ڪامران سهتو) ڪنڊيارو تعلقي اسپتال سهولتن کان وانجهيل، مريض علاج لاءِ دربدر، ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود عوام کي رليف نه مليو، ڪيترائي وارڊ غير فعال، چوديواري ڊهي پئي، اسپتال اندر جانور بيٺل، خبر موجب 2 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ساهتي ضلعي نوشهروفيروز جي شهر تعلقي ڪنڊيارو جي سرڪاري اسپتال هن وقت مسئلن جو شڪار آهي، اسپتال ۾ علاج جون ڪي به سهولتون نه هجڻ ڪري مريض دربدر ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکندڙ تعلقي اسپتال جا سمورا وارڊ مڪمل غير فعال بڻيل آهي، ايڪسري مشين خراب پيل آهي، جڏهن ته دل جو وارڊ، اکين جي وارڊ، گائني وارڊ، آپريشن ٿيٽر سميت ٻيا اهم وارڊ بند هجڻ ڪري روزانو بنياد تي ايندڙ مريض علاج کان محروم آهن، جڏهن ته اسپتال ۾ آيل مريضن کي دوا به نٿي ملي، او پي ڊي وقت مريض اڪثر پريشان بيٺل هجن ٿا، ٻڌايو پيو وڃي ته اسپتال جي واحد ايمبولينس جيڪا پڻ ڪيترن ئي مهينن کان خراب بيٺل آهي، هيوي جنريٽر به مسلسل بند رهي ٿو، جڏهن ته ڀرپاسي جي آبادي وارو ڪچرو اسپتال ۾ اڇلائڻ سبب ۽ پاڻي بيهڻ ڪري چوديواري ڊهي پٽ پئجي وئي آهي، جنهن سبب اسپتال اندر ڪتا ۽ گڏهه گهمندي نظر اچن ٿا، هتان جي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪري مريضن جي واهر ڪئي وڃي.