ڪنڊيارو: اسپتال جا معاملا ڏسندڙ آءِ ايچ ايس ۽ ايم ايس وچ ۾ بجيٽ واري معاملي تان ڪيتري ئي عرصي کان سرد جنگ هلندڙ آهي، ايم ايس ٻڌايو ته اسپتال جا سمورا معاملا آءِ ايچ ايس اين جي اوز حوالي ٿيل آهي، جيڪي بجيٽ به اهي ڏسن ٿا، اسان کي ڪجهه به نٿو ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايچ ايس ٻيهر معاهدو ٿيو آهي، اسان کي ٽن مهينن کان بجيٽ جاري ناهي ٿي، آءِ ايچ ايس عملدار ٻڌائن ٿا ته اسان وٽ اسپتال جي صرف معمولي بجيٽ آهي، باقي سمورو ڪاروهنوار ايم ايس حوالي ٿيل آهي، جنهن وٽ ڊي ڊي پاور پڻ آهي، هو ڪنهن به وقت چاهي اسپتال لاءِ دوائن سميت ٻيو سامان خريد ڪري سگهي ٿو.