ڪنوار پنهنجي شادي لاءِ ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي پهتي

0
542
ڪنوار پنهنجي شادي لاءِ ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي پهتي
ڪنوار پنهنجي شادي لاءِ ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي پهتي

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانيه جي ڪنوار پنهنجي عروسي لباس سان هڪ وڏي ٽريڪٽر تي ويهي شادي واري جاءِ تي پهتي ۽ پوري رستي تي تمام خوش نظر اچي رهي هئي

اتر آئرلينڊ جي ڪائونٽي انٽرم جي ننڍي ڳوٺ ڪارنلوف سان تعلق رکندڙ 33 ورهين جي ڪيٿرين مڪ جي ميسي فرگوسن جي ٽريڪٽر ۾ ويهي ڪري گرجا گهر پهتي، ان ٽريڪٽر کي سندس والد هلائي رهيو هيو، جيڪو پنهنجي علائقي جو مشهور هاري آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس والد 66 سالن جو هنري به ان وقت تمام گهڻو خوش هيو

سڄي رستي ۾ ماڻهن ڪيٿرين کي ڏسي ڪري خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ٽهڪ ڏيندي شادي واري هنڌ تائين پهتي، ٽريڪٽر جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته ڪيٿرين کي پنهنجي والدين جي پس منظر ۽ پورهيت معاشري تي فخر آهي، ان لاءِ هوءَ شادي جي اهم ڏينهن تي ٽريڪٽر تي سوار ٿي آئي آهي

سندس مڙس 34 سالن جو ڪيون لاگان آهي، جيڪو تعميراتي ماهر آهي، کيس ڏسي ماڻهن گاڏين جا هارن وڄايا ۽ پنهنجي خوشي جو اظهار به ڪيو، ٻئي طرف گهوٽ جا مائٽ به غير روايتي سواري تي تمام گهڻا خوش هئا