ڀارت ۾ نسل پرستي جي انتها: هُجوم آڏو ٻن عورتن جا ڪپڙا لاٿا ويا

0
396

ڀارتي رياست مني پور ۾ اڍائي مهينن کان جاري نسلي فسادن ۾ تيزي اچي وئي آهي، شرپسندن هُجوم سامهون ٻن عورتن جا ڪپڙا لاهي کين بدترين تشدد جو نشانو بڻايو آهي

هزارين ماڻهن جي سامهون عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي، جنهن ڀارتي سياسي ۽ سماجي حلقن کي ڌوڏي ڇڏيو آهي

مني پور پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته واقعو 4 مئي تي مني پور جي ٿوبل ضلعي ۾ پيش آيو

پوليس چيو ته واقعو 4 مئي تي پيش آيو، اڻڄاتل شرپسندن خلاف اغوا، گينگ ريپ ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي

وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ مرڪز ۾ اپوزيشن اڳواڻن، ڪانگريس جي ميمبرن سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ حڪمران بي جي پي جي وزيرن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي

ڀارتي وزير سمرتي ايراني جو چوڻ آهي ته هن معاملي تي رياست جي وڏي وزير برن سنگهه سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت ٽوئيٽر سميت سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي وڊيو ڊليٽ ڪرڻ جو چيو آهي

واقعي جي ايف آءِ آر ۾ ڇا ڄاڻايو ويو آهي؟

اخبار انڊين ايڪسپريس موجب 4 مئي تي ٿوبل ۾ ڪوڪي زومي برادري جي عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته 18 مئي تي ڪانگپوڪپي ضلعي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو

مني پور پوليس ٻڌايو ته هن وقت تائين ان ڪيس ۾ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ويو آهي پر پوليس جون ڪوششون جاري آهن

وڊيو ۾ هڪ عورت جي عمر 20 سال ۽ ٻئي جي 40 سال ٻڌائي پئي وڃي

پوليس کي ڏنل بيان ۾ متاثر عورتن چيو ته وڊيو ۾ رڳو ٻه عورتون نظر اچي رهيون آهن، جڏهن ته اتي موجود ٽولي 50 ورهين جي عورت جا ڪپڙا به لاهي ڇڏيا هئا

ياد رهي ته مني پور ۾ ميتي ۽ ڪوڪي برادرين ۾ 3 مئي تي وڳوڙ شروع ٿيا هئا، هن وقت تائين پرتشدد واقعن ۾ 142 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 60 هزار شهري بي گهر ٿي چڪا آهن

رياستي حڪومت موجب، پرتشدد حالتن ۾ باهه لڳڻ جا 5000 ڪيس ٿيا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ مني پور حڪومت چيو ته پرتشدد واقعن بابت 5,995 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 6,745 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي