ڪنب ۾ معصوم نياڻين جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو

0
239
ڪنب ۾ معصوم نياڻين

ڪنب (رپورٽر) ڪنب ۾ معصوم شاگردياڻي سان زيادتيءَ ۽ عورتن جون اعتراض جوڳيون رڪارڊ ڪندڙ وحشي جوابدار غلام مهراڻي پوليس جي پڪڙ کان آجو آهي

ان سلسلي ۾ پوليس عيوضي ۾ جوابدار جي ويجهي مائٽ ٽي اِي او سيڪنڊري محمد رمضان مهراڻي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جوابدار کي پيش ڪرڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌيو پيو وڃي

Lured by free ration, Hindu minor girl gang raped amid floods in Pak's Sindh | World News - Hindustan Times

ايس ايس پي خيرپور روحيل کوسي جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون، مختلف هنڌن تي ڇاپا، گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايڇ او ڪنب کي معطل ڪيو ويو هو

جوابدار غلام مهراڻي عورتن جون اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون هيون، سڄي سنڌ توڙي سوشل ميڊيا تي ڪنب واقعي تي سخت ڪاوڙ نظر اچي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي صارفين جوابدار کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

هي به پڙهندا

ڪنب ۾ وحشي جوابدار نينگريءَ سان زيادتي بعد وڊيو وائرل ڪري ڇڏي