ڪشمور ۾ پورهيت جي بازيابي لاءِ وارثن جو ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

0
241

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ پورهيت جي بازيابي لاءِ وارثن جو ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو  هنيو ويو

ڪشمور ۾ پورهيت جي بازيابي لاءِ وارثن پاران ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، روڊ بلاڪ ٿي ويو

مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته هفتو اڳ غلام حسين جکراڻي  لعل بيگ مزاري واري علائقي  مان اغوا ٿي ويو هو

مغوي جي والد شهمير جکراڻي جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل پٽ جي بازيابي لاءِ 50 لک روپيا ڀُنگ گهري رهيا آهن، پوليس ڪا  ڪارروائي نٿي ڪري

پٽ جي حياتي کي خطرو آهي، 50 لک رپيا ڪٿان آڻيون، غريب آهيون، پوليس توڙي سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف ڪي به قدم نه کنيا آهن

مظاهرين چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان روزانو  ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، نوجوان کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس پاران مبينا مقابلي بعد پشاور واسي مغوي باياب