زوب ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، مقابلي ۾ پاڪ فوج جو سپاهي شهيد

0
259
سنڌ ڪابينا جو اجلاس: ڪچي ۾ آرمي آپريشن جو فيصلو
سنڌ ڪابينا جو اجلاس: ڪچي ۾ آرمي آپريشن جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي، مقابلي ۾ پاڪ فوج جو هڪ سپاهي به شهيد ٿي ويو

آءِ ايس پي آر موجب زوب جي علائقي سمبازا ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن شروع ڪيو، آپريشن پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي چرپر واري اطلاع تي شروع ڪيو ويو

سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جا رستا بند ڪندي ناڪابندي ڪئي وئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، سرحد پار دهشتگردن جي سهولتڪارن پاران به فائرنگ ڪئي وئي

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ڪي پي ۾ داخل ٿي شهرين ۽ فورسز کي نشانو بڻائڻ پئي چاهيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، پاڪ فوج جو سپاهي حق نواز به شهيد ۽ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، علائقي کي دهشتگردن کان ڪليئر ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي

هي به پڙهندا

قائداعظم جو 146 هون يوم پيدائش:مزارِ قائد تي گارڊزجي تبديلي جي باوقارتقريب