ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مارچ، ڌرڻو

0
213
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مارچ، ڌرڻو
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مارچ، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ/ بخشاپور/ بڊاڻي (نمائندن وٽان) ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ بڊاڻي کان نڪتل احتجاجي مارچ ڪڌڪوٽ پهچي ويو

 مارچ ۾ شامل سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن توڙي شهري 33 ڪلوميٽر پنڌ جهاڳي ڪنڌڪوٽ پهتا، مارچ ۾ مغوين جا وارث ۽ ٻارڙا  به شامل، ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪشمور ضلعي ۾ امن بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن، امن جي بحالي ۽ مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ملڪاڻي شريف ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو