ايٿليٽ ڊوڙ سان گڏ ئي عورت رانديگر کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

0
212
ايٿليٽ ڊوڙ سان گڏ ئي عورت رانديگر کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي
ايٿليٽ ڊوڙ سان گڏ ئي عورت رانديگر کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

بوڊاپسٽ (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ پروفيشنل ڊوڙ دوران هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو، جڏهن مرد رانديگر گڏ ڊوڙندڙ عورت رانديگر کي جهڪي منڊي پيش ڪندي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي، بوڊاپسٽ ۾ منعقد “2023 جي ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ” ۾ هڪ طرف سلوواڪيا جو ڊومينڪ سيئر ڊوڙي رهيو هيو پر ان بعد عورت رانديگرن جو مقالو هيو

ڊومينڪ اختتامي لائين تي بيهي رهيو ۽ هينا جو منتظر هيو، جيتوڻيڪ اها مقابلي ۾ پٺتي رهي، پر محبت ۾ کٽي وئي، جيئن ئي هينا ويجهو پهتي ته ڊومينڪ گوڏا کوڙي ويهي هينا کي منڊي پيش ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، ان جي جواب ۾ هينا مسڪرائيندي “ها” ڪري ڇڏي

ان تي ڊومينڪ خوشيءَ ۾ مڪو لهرايو ۽ جوڙي ميڊيا جي سامهون تصويرون ڪڍرايون. ٻنهي رانديگرن ٻڌايو ته اهي گذريل 4 سالن کان هڪ ٻئي کان واقف آهن ۽ اتفاق ڪيو ته اهو شادي جي اعلان جو هڪ زبردست موقعو هيو، جڏهن ته انهن شادي جي تاريخ بابت ڪجهه به ٻڌايو ۽ ايترو ٻڌايو ته اهي 2024 جي پيرس اولمپڪس لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن، جيڪو هڪ قسم جو “محبت جو شهر” به آهي