گورک هل اسٽيشن ۽ دادو جي ترقي جي فنڊن ۾ اربين رپين جون گهوٻيون، جاچ تيز

0
247

دادو (رپورٽر) گورک هل اسٽيشن جا مبينا 23 ارب ۽ دادو جي ترقياتي فنڊن ۾ گھوٻيون، جاچ اختياريون سرگرم ٿي ويون

گورک هل اسٽيشن جي فنڊن ۽ دادو ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمن جي ڏس ۾اربين رپين جي گھوٻين جي جاچ شروع ٿي وئي آهي

گورک هل جي 23 ارب رپين ۽ دادو ضلعي جي ترقياتي فنڊن ۾ گھوٻين  جي جاچ لاءِ نيب ۽ ايف آءِ اي سرگرم، ڪامورا غائب ٿيڻ شروع ٿي ويا

 ڪيترن ئي ٺيڪيدارن نگران سيٽ اپ بعد اسڪيمن ۾ اربن جي ڪرپشن بابت نيب کي دستاويزي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا، گورک ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ورڪس  اينڊ سروس، ڊسٽرڪٽ روڊس ۽ ٻيا  کاتا نيب جي جاچ دائري ۾ شامل  ٿي ويا

پراوشنل هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن، ٺيڪيدارن، چونڊيل نمائندن جون لسٽون تيار ڪيون ويون، پ پ دادو جو صدر اڳوڻو ايم اين اي  رفيق جمالي ۽ سندس ڀاءُ سعيد احمد جمالي دبئي کسڪي ويا

رفيق جمالي جي ساٿين موجب رفيق جمالي دبئي گهمڻ لاءِ ويو آهي، جلد واپس ايندو