ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بيبو ڪرينا ۽ پٽودي نواب سيف 6 مهينن بعد پنهنجي ٻئي پٽ جو نالو رکي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا ڪرينا ڪپور 21 فيبروري تي سيف علي خان جي ٻئي پٽ کي جنم ڏنو هو جنهن جو نالو 6 مهينن تائين غور هيٺ هو، جوڙي پنهنجي ٻئي پٽ جو نالو جي رکيو آهي جڏهن ته ميڊيا تي پهرين خبرون هلي رهيون هيون ته ڪرينا ۽ سيف پنهنجي ٻئي پٽ جو نالو منصور رکڻ تي غور ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ڪرينا ۽ سيف جي پهرين پٽ جو نالو تيمور علي خان آهي.