سنڌ ۾ پرڏيھين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار نادرا آفيسرز جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

0
342

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پرڏيهين کي غيرقانوني ۽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار نادرا آفيسرز ڪراچي جي عدالت اڳيان پيش ٿيا، عدالت نادرا آفيسرز کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ اشفاق خان، خيال خان، محمد رسول، اختر محمد، محمد ابراهيم، عبدالوهاب ۽ افروز علي شامل آھن، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار نادرا آفيسرز رشوت وٺي ايرانين، برمين، بنگالين ۽ افغانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سيل ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.