ڪراچي کان ڪشمور ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين ڪروڙين ماڻهن جي ايڪتا عيد، ڌرتي جي حفاظت جو عزم

0
229
ڪراچي کان ڪشمور ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين ڪروڙين ماڻهن جي ايڪتا عيد، ڌرتي جي حفاظت جو عزم
ڪراچي کان ڪشمور ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين ڪروڙين ماڻهن جي ايڪتا عيد، ڌرتي جي حفاظت جو عزم

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي+فقير سليم+ حبيب جمالي+ نظير ميمڻ) ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي مُک ايڪتا تقريب ۾ ڌرتي ڌڻين جو سمنڊ اٿلي پيو، ثقافتي لباس پاتل هزارين ماڻهن ايڪتا جي مُک تقريب ۾ شريڪ ٿي ايڪتا جي عيد ملهائي، ناليوارن فنڪارن مُک اسٽيج تي قومي گيت ڳائي اجرڪ ۽ ٽوپي وارن ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو

عورتن ۽ ٻارڙن به رقص ڪري ثقافتي عيد ملهائي. ان حوالي سان هر ڀيري وانگر هيل به ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي مُک تقريب دين محمد وفائي روڊ تي واءِ ايم سي گرائونڊ جي گيٽ تي ٿي، جنهن ۾ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن گلستان جوهر، گلشن اقبال، ڪياماڙي، ڪورنگي ٽائون، بلديا ٽائون، ملير، ڀٽائي آباد، سچل ڳوٺ، موسميات  ۽ ٻين علائقن مان هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا، مُک تقريب ۾ عورتن ۽ ٻارڙن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ايڪتا تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن حنيف لاشاري، طفيل سنجراڻي، نجف علي، غلام علي سمون، عرفان سمون، عبدالباري ابڙو، ثمر علي، تنوير عباس، وحيد هڪڙو، معشوق کوکر، ڪومل ناز، مهتاب بلوچ، جگر جلال ۽ ٻين قومي گيت ڳائي مُک تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ايڪتا تقريب ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن الاهي بخش بِڪڪ، مشتاق سرڪي ۽ ٻين، جسقم، جسم، ايس ٽي پي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي  ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي

حيدرآباد ۾ به قومي عيد ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو/منير راڄڙ) حيدرآباد ۾ قومي عيد جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. “روزاني/ پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي ”اچو ته نئين سنڌ اڏيون“ جي سري هيٺ صبح ٿيندي ئي شهر جي ننڍن وڏن علائقن مان نوجوان ريلين جي صورت ۾ نوان ويس وڳا پائي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي تقريبن ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پتڪڙا ٻار خوبصورت لباس ۾ جرڪڻ سبب هر ماڻهو جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهيا

ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو منعقد ٿي جتي هزارن جي تعداد ۾ جوڌن پهچي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ وچن ورجايو. تقريب ۾ قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي واري تعلقي مان مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافتي تنظيمن پاران نڪتل ريلين ۾ شريڪ ماڻهو به شريڪ ٿيا. اسٽيج تي راڳين قومي گيت ڳائي نوجوانن کي جهومڻ تي مجبور ڪيو جڏهن ته تقريب ۾ شاعرن، اديبن، قلمڪارن ۽ ساڃاهه وندن اهو پيغام عام ڪيو ته نئين سنڌ اڏڻ لاءِ کين جستجو جي ضرورت آهي ۽ جستجو سان ئي هو انقلاب آڻي سگهندا. تقريب ۾ مزاحيه فنڪارن طاهر مٺو ۽ ٻين پاران ٽيبلوز به پيش ڪيا ويا. ٻئي طرف سنڌ ميوزيم ۾ ثقافت کاتي جي سهڪار سان به ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ماڻهو فيمليز سان گڏ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. تقريب دوران دانش منظور، سميرا، نمرا، سرمد اياز ۽ ٻين راڳين جي قومي گيتن تي نوجوان ۽ نارين پاران رقص ڪيو ويو

سنڌ وطن اسان جو ۽ جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا جهڙن گيتن تي نوجوان به جهمريون هڻندا رهيا. تقريب کانپوءِ قومي عيد جي موقعي تي فيمليز پاران سنڌ ميوزيم ۾ قائم ثقافتي ڳوٺ جو رخ ڪيو جتي انهن پراڻي دور جي قديمي مجسمن سان بيهي سيلفيون به ٺاهيون. تقريب ۾ شريڪ نوجوان ۽ نارين چيو ته کين سنڌ جي هزارين سال پراڻي ثقافت سان بي انتها پيار آهي جنهن ڪري مذهبي عيدن جيان قومي عيد تي ثقافتي لباس پهري اهو پيغام عام ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ته کين پنهنجو پاڻ بدلائڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته نئين سنڌ اڏڻ جي تصور ۾ کين تعليم ۽ ٻين شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت سڄي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي ان لاءِ سندن ڪوشش آهي ته تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي پنهنجي سنڌ جو نالو روشن ڪن

هوڏانهن سنڌ سان سنڌ جي ملاقات واري ڏهاڙي تي تقريبن کان علاوه شهر جي مڙني رستن توڙي چوڪن ۽ چوراهن تي به نوجوان ٽولن جي صورت ۾ موجود رهيا جتي قومي گيتن تي انهن جهمريون هنيون. اهڙي ريت قاسم آباد تعلقي مان نڪرندڙ ماڻهن پنهنجن علائقن جو ريلين جي صورت ۾ گشت ڪيو. اهڙي ريت لطيف آباد توڙي سٽي تعلقي جا ماڻهو به پنهنجن علائقن ۾ موٽرسائيڪلن، ڪارن ۽ ٻين گاڏين تي سوار ٿي ريلين جي صورت ۾ مختلف علائقن تي پهچي امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ تقريرون ڪندا رهيا. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ريلين جي آجيان لاءِ قاسم آباد جي نسيم نگر وٽ ڪئمپ قائم ڪئي وئي هئي. سنڌ هاري ڪميٽي پاران حيدر چوڪ تي قائم ڪئمپ تي به سڄو ڏينهن نوجوان ريلين جي آجيان ڪندا رهيا

اهڙي ريت حسين آباد جي علائقي گدو چوڪ تي پ پ اڳواڻن پاران قائم استقبالي ڪئمپ تي سڄو ڏينهن ٽوپيون، پٽڪا ۽ اجرڪون پهريل نوجوان مختلف علائقن کان ايندڙ ويندڙ ريلين جي آجيان ۾ مشغول رهيا. رات دير تائين نوجوانن پاران مختلف هنڌن تي ريلين جي صورت ۾ پهچي جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن جهڙن قومي گيتن تي جهمريون هڻڻ سبب گيتن جي گونجار جاري رهي. ٻئي طرف حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو ثقافتي ڏهاڙي تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته سنڌ جي تاريخي ثقافت دنيا جي قديم ۽ خوبصورت تهذيبن جي عڪاسي ڪري ٿي جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو قدرتي طور مهمان نواز، امن پسند، محب وطن ۽ محنتي آهن. ڪاشف شورو چيو ته ثقافتي سرگرمين سان ملڪ جو مثبت چهرو دنيا آڏو وائکو ٿئي ٿو