اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان استاد قتل

0
203

گمبٽ/ اڳڙا (نمائندن وٽان) اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن اسڪول ويندڙ نوجوان استاد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

 تازو استاد ڀرتي ٿيل استاد وسيم کوکر ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني

لوندڙيءَ ۾ گولي لڳڻ سبب وسيم کوکر ٿڏي تي دم ڏنو، وارثن پوسٽ مارٽم لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

واقعي کانپوءِ مقتول استاد جي وارثن ۽ استادن لاش رکي ڌرڻو هنيو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو

مقتول نوجوان استاد جي وارثن جو چوڻ هو ته بيگناهه اسان جي ٻچڙي کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي