اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ مريم نواز ويڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪراچي اچي سڌو سنئون توهان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿي پر ڪورونا جي ڪري شهرين جي حياتين کي خطري ۾ نٿي وجهڻ چاهيان. سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي، مفتاح اسماعيل ڪامياب ٿيو ته بلديا جي هر گهر تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، مريم نواز چيو ته نواز ليگ ڪراچي کي گرين لائن ڏني، جنهن کي موجوده حڪومت مڪمل ناهي ڪيو.