ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ پاڻي جي نعري تي وڙهي ويندي، ٽن مختلف سرويز ۾ تڪ جي عوام سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ کي قرار ڏنو، پلس جي سروي ۾ 96 سيڪڙو عوام، اپسوس جي سروي ۾ 75 سيڪڙو ۽ گيلپ پاڪستان جي سروي ۾ 69 سيڪڙو عوام صاف پاڻي جي کوٽ کي علائقي جو سڀ کان اهم مسئلو قرار ڏنو، ٻيو وڏو مسئلو لوڊشيڊنگ قرار ڏنو ويو.