اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اثاثن مطابق ڪراچي مان چونڊيل  قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن مان 98 سيڪڙو ميمبرن جو تعلق زمينداري سان نه آھي، جڏهن ته ڪراچي مان چونڊيل ميمبرن مان سڀ کان وڏو زمينداري سعيد غني ظاهر ٿيو آھي، جنهن پنهجي اثاثن ۾ ميرپور ساڪرو ۾ 122 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آھي جڏهن ته ڪراچي مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل سيف الرحمان فاٽا ۾ 50 ايڪڙ زرعي زمين اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل علي زيدي گهارو ۾ 2 ايڪڙ، اسلام آباد ۾ سملي روڊ تي 5.94 ڪنال زمين، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪراچي مان چونڊيل نجيب هارون گڏاپ  ۾ 32 ايڪڙ زمين پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي. پي ٽي آءِ ميمبر حليم عادل شيخ پاڻ کي ڪل 67 ايڪڙن جو مالڪ ظاهر ڪيو آھي جنهن ۾ 4 ايڪڙ زمين ملير ۽ 63 ايڪڙ زمين ٿاڻو بولا خان ۾ شامل آهي ساجد جوکيو پاڻ کي 15 ايڪڙ ايراضي جو مالڪ ظاهر ڪيو آھي.