ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي) ڪراچي جي نادرن باءِ پاس وٽان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ميرپورخاص واسي 2 زميندار ذوالفقار عليم وساڻ ۽ محسن مري مبينا ڀنگ ڀري بازياب ٿيڻ جا چوٻول ھلي رھيا آھن، ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ميرپورخاص واسي ٻئي مغوي 12 لک رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿي ويا آھن، ڌاڙيلن جي چنبي مان آزادي ملڻ بعد ٻئي ڄڻا ڪراچي ملير پوليس جي حفاظتي تحويل ۾ آھن، ذريعن موجب پوليس انهن کان اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن بابت ڄاڻ حاصل ڪري رھي آھي ته جيئن ڏوھارين تائين پوليس کي پھچ حاصل ٿي سگهي، ذريعن اھا به ڄاڻ ڏني آھي ته اڄ تائين بازياب ٿيل ٻئي ڄڻا ميرپورخاص پنهنجي ڳوٺ پھچي ويندا، ھوڏانھن مغوين جي بازيابي بابت ھلندڙ چوٻولن جي حوالي سان مغوين جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو پر انهن بازيابي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.