لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاهه لڳ تراويح پڙھائي واپس ايندڙ حافظ قرآن اغوا، پيرا ڪچي ۾ گم وارثن ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، مغوين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو. خبر موجب غلام ڳوٺ مان رات جو دير سان تراويح پڙھائي ڀرڪڻ گهر طرف ايندي حافظ قرآن محمد طاهر ميئو کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا، نوجوان جي وارثن پاران اغوا جي تصديق تڏھن ڪئي وئي جڏهن رستي تي هٿياربندن جا پيرا لڳا، جيڪي صرفو پتڻ ڀرسان ڪچي وڃڻ بعد گم ٿي ويا، جنهن بعد مغوي جا وارث واپس موٽي آيا، مغوي جي وارثن اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته حافظ طاهر ميئو غلام ڳوٺ مهر ۾ تراويع پڙھائي واپس ڳوٺ ڀرڪڻ اچي رهيو هو ته رستي مان کيس اغوا ڪيو ويو، ٻئي طرف 15 ڏينهن اڳ فريد آباد مان اغوا ٿيل پورهيت پيرسن سونهارو پهوڙو ۽ سيپڪو جي اڳواڻي آفيسر مجيد سرڪي کي پڻ پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.