ڪراچي: فٽبال جا رانديگر نوجوان شھرين کان پئسا وٺڻ لڳا، وڊيو وائرل

0
284

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فٽبال جا رانديگر شھرين کان پئسا وٺڻ لڳا، وڊيو وائرل ٿي وئي، فٽبال جا رانديگر ھاڪس بي ايندڙ گاڏين کان پئسا وصول ڪرڻ لڳا آھن، پئسن جي وصولي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي، وڊيو ۾ شھري کي فٽبال جي نوجوانن سان بحث ڪندي به ڏسي سگھجي ٿو، اسماعيل نالي شهري چوي ٿو ته اسان مبارڪ وليج يونائٽيڊ فوٽ بال ڪلب لاء پئسا وٺندا آھيون، اسان ضلعي انتظاميا جي اجازت سان پئسا وٺون ٿا، اسان غريب نوجوان آھيون، فٽبال لاء 20-20 رپيا ورتا، فٽبال راند جي سرگرمين لاءِ پئسا گڏ ڪيا پئي، آئينده ايئن نه ڪنداسين. معاف ڪيو وڃي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيڻ بعد ڀتو وصول ڪندڙ اسماعيل معافي گھري ورتي آھي.