ڀٽ شاهه پوليس جي ڪارروائي، 17 لک جو شراب هٿ، هڪ ڄڻو گرفتار

0
254

ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاهه پوليس ڪار تي ڇاپي دوران هٿ ڪيل انگلش شراب جو ڪيس ڊرائيور۽ شراب مالڪ تي داخل ڪري ڇڏيو، هٿ ڪيل شراب جي ماليت 15 کان 17 لک ٻڌائي پئي وڃي، قومي شاهراه تي پوليس ناڪابندي دوران هڪ ڪرولا ڪار مان 200 انگلش شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل شراب جي بوتلن ۾ 100 شيواز ۽ 100 بليڪ ليبل جون بوتلون شامل آهن، گرفتار جوابدار گلبهار رڏ ۽ شراب مالڪ راجو مل تي منشيات ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جوابدار حيدرآباد کان هالا طرف ڪار ۾ شراب جون بوتلون کڻي وڃي رهيو هو ته ڳجهي اطلاع بعد ناڪابندي ڪري ڪرولا ڪار مان شراب هٿ ڪيو آهي، هٿ ڪيل شراب جي ماليت 15 کان 17 لک آهي ، شراب مالڪ ۽ گرفتار جوابدارمٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.