ڪراچي سوڌو مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

0
179

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي سوڌو ملڪ جي ٻين شهرن ۾ عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي فون سروس بند ڪئي وئي آهي.

عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل فون سروس کي بند ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳل آهي.

ٽنڊو آدم ۾ سڀني موبائل نيٽ ورڪس جي سروس به بند ڪئي وئي.

ٻئي پاسي ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن ۾ به موبائل فون سروس بند آهي، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ به فون سروس جزوي طور تي بند ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ھي به پڙھندا

عيد ميلادالنبي ﷺ اڄ ملهائي ويندي: سيڪيورٽي سخت