ڪراچي: خيابانِ سحر ۾ فليٽ مان لاڙڪاڻي واسڻ ناري جو ڦاهو لڳل لاش هٿ

0
301
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جَي پوش علائقي ڊفينس خيابانِ سحر ۾ فليٽ مان لاڙڪاڻي واسڻ ناري جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نبيلا ڌيءُ مسرور ٻگهيو جَي نالي سان ٿي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻو لڳي ٿو، ناري جا وارث لاڙڪاڻي ويل هئا ۽ ناري گهر ۾ اڪيلي هئي، واقعو آپگهات آهي يا قتل، في الحال ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي،  موت جو ڪارڻ به پوسٽ مارٽم بعد معلوم ٿيندو، واقعي جِي هر رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته نبيلا ٻگهيو جو والد مسرور ٻگهيو سنڌ حڪومت ۾ ڊائريڪٽر پروٽوڪول آفيسر آهي، لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، وارث ڪراچي پهتا آهن، ڪوشش ڪنداسين ته پوسٽ مارٽم ٿي وڃي

پوليس موجب ايم ايل او ڪرائي ڇڏيو آهي، شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، نبيلا جو والد رات دير سان ڪراچي پهتو، ان ڪري ان جو بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو

پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو واضح ناهي، لاش کي ڦاهو لڳل هو، گهر ۾ ٻيو ڪير موجود نه هو، ڪو سوسائيڊ نوٽ وغيره نه مليو، واقعي واري جاءِ جو ڪرائيم سين يونٽ ٻيهر جائزو وٺندي

ھي به پڙھندا

ملير: ڦر دوران مارجي ويل ٻارڙيءَ جي واقعي جو ڪيس داخل