لوڪل بل تي اپوزيشن ۽ حڪومت کي هڪ جڳهه تي ويهاري سگهان ٿو: سراج دراني

0
216

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته مان لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل کي اڃا تائين صحيح نموني نه ڏٺو، اسان لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي اپوزيشن سان ڳالهايو هو، جيڪڏهن مخالف ڌر ڳالهائڻ نٿي چاهي ته اسان ڇا ڪيون

احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهائيندي هن چيو ته صوبي جي مفاد لاءِ ويهي ڳالهائجي، اسان ڪڏهن به ڳالهائڻ لاءِ دروازا بند نه ڪيا آهن

سراج دراني چيو ته جيڪڏهن بل ۾ ترميم ٿئي ته ان ۾ وڌيڪ ترميم جي به گنجائش هوندي آهي، مخالف ڌر حڪومت سان رابطو ڪرڻ چاهي ته مان مدد ڪري سگهان ٿو، مان اپوزيشن ۽ حڪومت کي هڪ جڳهه تي ويهاري سگهان ٿو

هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر سمجهي ٿي ته بل کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو ته پوءِ ڳالهايو وڃي، ڪي پي  ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي تي جمعيت علماءِ اسلام ف کي واڌايون ڏيان ٿو

هتي اليڪشن ڪير کٽندو؟ واري سوال تي هن چيو ته اليڪشن ٿيندو ته ڪوئي نه ڪوئي کٽيندو، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان ٿيندو ته پيپلز پارٽي ڀرپور تياري ڪندي ۽ ڪاميابي پي پي جي ئي ٿيندي

هن کان اڳ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته نيب جو شاهد اظهر عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، عدالت نيب شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو