ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ چور اعتڪاف ۾ ويٺل روزيدارن جا موبائل فون چوري ڪري ويو، گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ مسجد جي وڊيو وائرل ٿي، ٻڌايو پيو وڃي ته اها مسجد ڊفينس فيز 4 ۾ واقع آهي، جتي رمضان جي آخري عشري ( ڏهي ) ۾ ڪيترائي مسلمان اعتڪاف ۾ ويٺل آهن، گذريل سال موبائل فون چوري ٿيڻ بعد هن ڀيري سي سي ٽي وي ڪيميرائون پڻ لڳايون ويون، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ چور مسجد ۾ ستل بزرگ روزيدارن جا موبائل فون چوري ڪري فرار ٿي وڃي ٿو،