کپرو (ن پ ا) کپرو-عمرڪوٽ روڊ تي تيز رفتاري سبب جيپ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾اڇڙو ٿر جي خيرپور ميرس ڳوٺ رپ واسي مصري، هاشم راڄڙ، ملوڪ راڄڙ، نينگري نوران راڄڙ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال کپرو آندو ويو جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر آھي. تعلقي اسپتال کپرو آندل مصري راڄڙ سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٻين جي حالت خطري کان ٻاهر آھي.