نوشھروفيروز (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيس نوشهروفيروز جي ٽيم لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو ھنيو. عوامي شڪايتن تي لڳل ڇاپي دوران ٽيم رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪري رڪارڊ تحويل ۾ ورتو. ان سلسلي ۾ انچارج آفيسر محمد زمان اعواڻ ٻڌايو ته عوامي شڪايتن تي ڇاپو ھنيو ويو آھي، لائيو اسٽاڪ کاتو عوام کي سھولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آھي بريڊنگ دوائن، ڊيزل جي بلن سميت آفيس جي خرچن ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي. وڌيڪ جاچ ڪرڻ بعد خبر پوندي.