کير گهٽ ٿيون ڏين: همراهه ڍڳين تي ڪيس لاءِ ٿاڻي پهچي ويو

0
1013

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ هاري پنهنجي4 ڍڳين خلاف شڪايت کڻي ٿاڻي پهچي ويو. ڪرناٽڪ رياست جي سدلي پور ڳوٺ جو رهواسي هاري رميا پنهنجي 4 ڍڳين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ڍڳيون ڪاهي ٿاڻي پهچي ويو

رميا پوليس کي ٻڌايو ته ڍڳين کي سٺي خوراڪ کارائڻ باوجود چارئي ڍڳيون کير گهٽ ڏينديون آهن ۽ منهنجي گهرواري کير ڏهڻ وڃي ته ان کي لتون به هڻن ٿيون ان ڪري ڍڳين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. پوليس ٿاڻي جي عملي جو چوڻ آهي ته ڍڳين خلاف ڪيس داخ ڪرائڻ ۽ شڪايت جو اهو پهريون ۽ منفرد معاملو هو. عملي رميا کي سمجهائي ڍڳين سميت جانورن جي اسپتال اماڻي ڇڏيو.