شان ملڪ ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
263

لاهور(شوبز نيوز) لالي ووڊ اسٽار شان وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي ثقافتي سرحدن جي حفاظت ڪندي سڄي ملڪ ۾ ڀارت جي ڪا فلم رليز ٿيڻ نه ڏئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاڪستاني فنڪارن، گلوڪارن ۽ موسيقارن سميت پاڪستان جي مواد تي پابندي لڳائي آهي ان ڪري ٻه طرفن معاملن ۾ وقار ۽ برابري کي نظر ۾ رکيو وڃي.