کورواھ (ن پ ا) کورواھ- ميرپور بٺورو روڊ جي رولڙي ۾ پيل 7 ڪلوميٽر حصي جو ڪم شروع نه ٿيڻ خلاف جدوجھد ڪاميٽي پاران ڪالهه سترھين ڏينھن به علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن دودو لاشاري، پيارو لاشاري، عبدالڪريم لوھار، خليل درس، شاھجان خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته کورواھ- ميرپور بٺورو روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباهه ٿي چڪو آهي. سالن کان روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر ڪير به دانهن ڪوڪ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي. ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن وفاقي وزير فھميده مرزا ۽ صوبائي وزير اسماعيل راھو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي روڊ جو ڪم شروع ڪرائي علائقي واسين جو بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.