ايس ايڇ او ۽ بااثر پاران زيادتي جو شڪار ناري جو بيان رڪارڊ

0
358

کهڙا (ن پ ا) کهڙا ۾ 5 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او کھڙا ۽ بااثر پاران ناري تهمينه خلجي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ وارو مامرو، 5 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او کهڙا اعجاز علي مگسي ۽ بااثر نصير اڄڻ پاران مبينا طور جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش جي متاثر ناري تهمينه خلجي جي معاملي جي انڪوائري جي سلسلي ۾ ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي غلام علي جماڻي کھڙا پهچي الزام هيٺ آيل نصير احمد اڄڻ ۽ پاڙي وارن جا بيان قلمبند ڪيا، جڏهن ته متاثر تهمينه ۽ ايس ايڇ او کهڙا اعجاز علي مگسي جو بيان ڪالهه سکر ۾ انڪوائري آفيسر جي آفيس ۾ ٿيا هئا، ان موقعي تي انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي غلام علي جماڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انصاف تي مبني رپورٽ سڀاڻي ڊي آئي جي سکر وٽ پيش ڪري ڇڏيندس.