شھدادپور: معصوم نينگري سان زيادتي جي تصديق، جوابدار گرفتار

0
371

شهدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان مقصودو رند ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري ماروي ڀيل سان ٿيل زيادتي جي تصديق، جوابدار گرفتار، ٽن ڏينهن جو رمانڊ منظور، گذريل رات درگاھ سلطان فقير اسٽاپ وٽ ڀيل قبيلي سان تعلق رکندڙ 8 ورهين جي معصوم يتيم نينگري ماروي ڀيل سان جوابدار نيوو ڪولهي زيادتي ڪئي، نينگري جي رڙين تي علائقي واسين جوابدار 30 سالا نيوو ڪولهي کي پڪڙي سخت تشدد بعد پوليس حوالي هو، متاثره نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ سِمس اسپتال شهداپور منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن طرفان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي، نينگري جي حالت انتهائي خراب آهي، وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس نيگري جي ڏاڏي نڃيل ڀيل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار نيوو ڪولهي کي مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪري 3 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو.