ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ايئرپورٽ تان کنڀي گم ٿيل ڊاڪٽر عمر فاروق ڊار جي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گهرو سيڪريٽري کان 21 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي مبينا طور حراست ۾ ورتل شهري جي بازيابيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي اعجاز بنگش ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عمر فاروق ڊار کي سعودي عرب مان واپسي تي حراست ۾ ورتو ويو ھو، 5 مارچ 2023 تي سندس والد ڏٺو ته پنج ماڻهو کيس کنڀي کڻي ويا، ڊي ايس پي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گم ٿيل شهري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، عدالت ڊاڪٽر عمر فاروق ڊار جي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي گهرو سيڪريٽري کان 21 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.