کاهي (ن پ ا) کپرو واهه مان نڪرندڙ کاهي شاخ ۾ ٽن ڏينهن کان مُئل مينهن مقامي ڳوٺاڻن ٻاهر ڪڍي ورتي. ياد رهي ته کاهي شاخ مان کاهي،گرهوڙشريف ۽ پٿورو جي واٽر سپلاءِ تلائن ۾ پاڻيءَ ڀرجي ٿو، جيڪو اتان جا رهواسي پيئڻ لاءِ واپرائيندا آهن، پر ٽن ڏينهن تائين آبپاشيءَ کاتي وارن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه سُري ۽ نيٺ مقامي ڳوٺاڻن مينهن رسن جي مدد سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتي.