ڦلجي اسٽيشن(ن.پ۔ا )ڦلجي اسٽيشن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جي تازن ڄاول ٻارن جي ڇَٺي ڪري متاثرن جي چهري تي خوشيون آنديون ويون، ڇَٺي تقريب ۾ نياز الاهي ابڙو، آخوند نور احمد ڏهوٽ، وفا ياسين آرائين، علي رضا سولنگي، علي جان لغاري، شھباز ملڪ، هالار ياسين، وقاص ياسين، عبدالرزاق بلبل، زوهيب هنڱورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن نيڪ نوجوان طرفان ٻوڏ متاثرن کي مڇرن کان بچاءُ لاء مڇر دانيون پڻ ڏنيون ويون ۽ اڳواٽ بچاءُ لاء ٻه مڇر مار اسپري مشين پڻ ذاتي طور خريد ڪيون ويون جيڪي ڦلجي اسٽيشن سميت بندن تي قائم ٿيل ڪيمپ جي رهواسين لاء استعمال ڪيون وينديون، واضع رهي ته ٻوڏ جي صورتحال کي مد نظر رکندي پهرين ڏينهن کان ڦلجي اسٽيشن جو نيڪ نوجوان پنهنجي هڻا وڻا ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪري رهيو آهي.