ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پروگريسو الائنس جي اڳواڻن ڪامريڊ امداد قاضي، نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي  ته برسات متاثرن جي آبادڪاري لاءِ سرڪاري خرچ تي جديد شهر ۽ ڳوٺ تعمير ڪيا وڃن، وفاقي سرڪار ڪي پي ڪي ۾ طالبان کي منظم ٿيڻ کان روڪي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته  برسات سبب   سنڌ ، بلوچستان ۽ سرائيڪي بيلٽ وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، سنڌ ۾ وڏيرن  برساتي وهڪرن تي پوک ڪرڻ کانسواءِ مڇي جا تلاءُ ۽ فارم هائوس اڏي ڇڏيا ڇڏيا آهن، جنهن ڪري پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه پيو ڪري، هنن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جهڙا ادارا متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران رڳو نقصان جا انگ اکر ڏيڻ ۾ رڌل آهن. ڏيهه توڙي پرڏيهه مان مليل خيما، تال پتريون، مڇردانيون ۽ راشن جا ٿيلها ايم پي ايز جي اوطاقن ۽ ڊي سيز جي گدامن ۾ پيل آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته عدليه جي نگراني ۾ امدادي سامان  جي ورڇ  ڪئي وڃي