ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ويجهو ڳوٺ مير عبدالستار ٽالپر ۾ معمولي ڳالھه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران پيٽ ۾ ڪهاڙي لڳڻ سبب والجي پٽ پيرو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمي نوجوان جو چوڻ هو ته پاڙيسري نوجوان کي گهرن ڀرسان بيٺل ديوي وڍڻ کان منع ڪئي ته هن جوابدار ڪهاڙي جو وار ڪري زخمي ڪيوآهي.