ڊي جي ايف آءِ اي پاران 52 آفيسر نوڪرين تان برطرف

0
455

ڪراچي: ڊي جي ايف آءِ اي 52 ايف آءِ اي آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برطرف ٿيلن ۾ احمد جان خان ، گليشيئر ماگربي ، رحمت الله ڊومڪي، رشيد سومرو ، علي حسن زرداري ، زبير پيچوهو ، عالم زيب، ظافر الحق قاسمي شامل آهن، جڏهن ته غلام اڪبر زرداري ، راشد شيخ، طاهر جان دراني ، شفيع ڪلور، فهيم اقبال ، پرويز احمد به ايف آءِ اي جي نوڪري مان برطرف ڪيا ويا. ايف آءِ اي عملدارن موجب ڄاڻايل آفيسرن جون سڌيون ڀرتيون ڪيون ويون هيون، جن کي عدالتي حڪمن تي برطرف ڪيو ويو آهي.