ڊي ايڇ او جيڪب آباد چيف سيڪريٽري جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو

0
458
چيف سيڪريٽري جي حڪمن

جيڪب آباد(ن پ ا) ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند چيف سيڪريٽري جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري پاران 12 آڪٽوبر تي چارج جي ڇڏڻ جي ليٽر موڪلڻ باوجود ڊي ايڇ او عھدو نه ڇڏيو

چيف سيڪريٽري جي حڪمن باوجود ڊي ايڇ او جيڪب آباد پنهنجي عھدي تي قابض بڻيل آهي، چيف سيڪريٽري پاران 20 ھين گريڊ جي پوسٽ ڊي ايڇ او جيڪب آباد تي 19 گريڊ جي ڊاڪٽر عبدالغفار رند کي چارج ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو هو

ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالغفار رند جو چوڻ آهي ته جيڪب آباد قبيلائي علائقو آهي ھتي ڪير به اچي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، اڳ به 20 هين گريڊ جي ڊاڪٽر ابراهيم سرڪي جو آرڊر ٿيو جيڪو نه آيو هو

ڊاڪٽر عبدالغفار رند جو چوڻ آهي ته آئون لوڪل آهيان، چيف سيڪريٽري صرف ڊي ڊي او پاور کسيا ھئا جيڪي بعد ۾ ملي ويا آهن، ڊي ڊي او پاور ختم ٿيڻ بعد مان پنهنجي سارين جي فصل جي پئسن مان آفيس جو ڪم ڪار سنڀالي ورتو ھو

هن جو چوڻ آهي هت سڄي سنڌ ۾ 20 گريڊ جي ڊاڪٽرن جو کوٽ آهي، ان لاءِ 19 گريڊ وارا ڊاڪٽر ڊي ايڇ او جي عھدي تي مقرر ٿيل آهن