ڊاڪٽر فهميدا مرزا کي جي ڊي اي جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ کان معذرت

0
95

اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر فهميدا مرزا کي جي ڊي اي جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن طرفان فارم 33 ۾ فهميده مرزا جو نالو آزاد اميدوار طور شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته حسام مرزا اڃا تائين ميدان ۾ آهي ۽ هن جي ڊي اي اميدوار طور نامزدگي ڪاغذ واپس نه ورتا آهن، هڪ ئي وقت هڪ چونڊ نشان هڪ سياسي جماعت جي ٻن اميدوارن کي الاٽ نه ٿو ڪري سگهجي

پارٽي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۽ چونڊ نشان الاٽمينٽ جا مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، جي ڊي اي اميدوار کي اڳ ئي چونڊ نشان الاٽ ٿي چڪو آهي، ان مرحلي تي نظرثاني نه ٿي ڪري سگهجي