اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 25 سالن جي ناري هما اسحاق جي جنس تبديل ڪرڻ واري درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ انساني حقن واري سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت هما اسحاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار کي سندس خاندان وارا هراسان ڪري رهيا آهن جنهن سبب هوءَ ڇوڪريءَ مان ڇوڪرو بڻجڻ چاهي ٿي، عدالت اهڙي صورتحال ۾ ڇوڪريءَ کي ڇوڪرو بڻجڻ لاءِ ميڊيڪل جو علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي، چيف جسٽس چيو ته هي هڪ پرائيويٽ شخص جو ڪيس آهي، في الحال ان تي فيصلو محفوظ ڪيون ٿا، بعد ۾ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي ان مامري تي گهرو سيڪريٽري، انساني حقن واري وفاقي سيڪريٽري، اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ايس ايچ او ڪرال ٿاڻي کي نوٽيس جاري ڪري جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انساني حقن جي وزارت جو لاڳاپيل آفيسر درخواستگذار جي شڪايت ٻڌي ان کي حل ڪرڻ جا اپاءُ وٺي.